ڍاڪا – 11 اپريل (اي پي پي) بنگلاديش ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پھرين ميچ 20 کان 24 اپريل تائين سلھٽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، سلھٽ ۾ کيڏي ويندي. زمبابوي جي ٽيم ھلندڙ مھيني بنگلاديش جو دورو ڪندي جتي ھو ميزبان بنگلاديش جي ٽيم خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پھرين ٽيسٽ ميچ 20 کان 24 اپريل تائين سلھٽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، سلھٽ ۾ کيڏي ويندي. ٻنھي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 28 اپريل کان 2 مئي تائين ظھور احمد چوڌري اسٽيڊيم، چٽو گرام ۾ کيڏي ويندي.