لاهور- 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيدالفطر جي موقعي تي بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کيس عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا وانگ طرفان جاري پڌرائيءَ موجب وزيراعظم گذريل سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۽ ڊي-8 سربراهي اجلاس دوران نيويارڪ ۽ قاهره ۾ پنهنجي آڌرڀاءُ ۽ نتيجو ڏيندڙ ملاقاتن جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن خاص ڪري واپار ۽ سياحت ۾ هاڪاري رفتار تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ان حوالي سان وزيراعظم اپريل ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم۽ پرڏيهي وزير جي ڍاڪا جي حوالي سان ان اميد جو اظهار ڪيو ته هڪ واپاري وفد به ساڻس بنگلاديش ويندو. هن سمورن رُخن تي ٻه طرفن ناتن جي بحاليءَ لاءِ اداره جاتي نظام کي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم بنگلاديش مان هڪ ثقافتي وفد کي پاڪستان جي دؤري تي اُماڻڻ جي تجويز ڏني جنهن ۾ پُراڻن ۽ نَون فنڪارن خاص ڪري ليجنڊ اداڪاره رونا ليليٰ به شامل هجي. وزيراعظم بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر کي پاڪستان جو دؤرو ڪرڻ جي پنهنجي دعوت جو ورجاءُ به ڪيو.