حيدرآباد-28 فيبروري (اي پي پي) جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي کي عدالتي حڪمن تي ڪالهه نارا جيل حيدرآباد مان آزاد ڪيو ويو آهي جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته اسان حق ۽ سچ جي رستي تي آهيون ۽ تڪليفن کي منهن ڏينداسين مون مستقبل ۾ سياست نه ڪرڻ ۽ اليڪشن ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو پر هاڻي سياست به ڪندس ۽ اليڪشن به وڙهندس، هن چيو ته اسان ته ڪمبل ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪمبل ئي نٿو ڇڏي.