راولپنڊي-25 فيبروري (اي پي پي) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان بيٽسمين رچن روندرا ون ڊي انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ميچ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي. هن راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش خلاف چيمپئنز ٽرافي جي ميچ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪئي. اهڙي طرح هو آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۽ چيمپئنز ٽرافي ۾ پنهنجي ڊيبيو ميچ ۾ سينچري ٺاهيندڙ دنيا جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. 2023ع ۾ ڀارت ۾ ٿيل ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ هن انگلينڊ خلاف سينچري ٺاهي هئي. اها سندس ورلڊ ڪپ ۾ ڊيبيو ميچ هئي. ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ رچن روندرا واحد رانديگر آهي جنهن ٻنهي ٽورنامينٽس ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو آهي.