اسلام آباد-25 فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ آءِ سي سي چيمپئز ٽرافي جو نائون ايڊيشن پاڪستان ۾ جاري آهي، جنهن ۾ ڏسندڙن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ اربع 26 فيبروري تي وڌيڪ هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو جنهن ۾ گروپ بي مان افغانستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون قزافي اسٽيڊيم لاهور ۾ آمهون سامهون ٿينديون. افغانستان جي ٽيم کي حشمت الله شهيدي ليڊ ڪندو، جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جوز بٽلر جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي. آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۾ شامل 8 ٽيمن ۾ ميزبان دفاعي چيمپئن پاڪستان، بنگلاديش، افغانستان، ڀارت، نيوزي لينڊ، انگلينڊ، آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا شامل آهن. پاڪستان جي ٽيم آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۾ ٽائٽل جي دفاع لاءِ ڪوشس ڪري رهي آهي. سمورين 8 ٽيمن کي 2 گروپس ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ اي ۾ دفاعي چيمپئن پاڪستان، بنگلاديش، ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون شامل آهن جڏهن ته گروپ بي ۾ افغانستان، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون شامل آهن. سمورين 8 ٽيمن جي ٻن گروپس مان ٻه، ٻه ٽاپ ٽيمون سيمي فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون. آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي جي پهرين سيمي فائنل ميچ 4 مارچ جڏهن ته ٻئين سيمي فائنل ميچ 5 مارچ تي کيڏي ويندي. ٻن فائنلسٽ ٽيمن وچ ۾ آءِ سي سي چيمپئينز ٽرافي جي فائنل ميچ 9 مارچ تي کيڏيو ويندو.