راولپنڊي – 23 فيبروري (اي پي پي) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 2025ع ۾ بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ميچ سومر 24 فيبروري تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ميچ ڊي اينڊ نائٽ هوندو ۽ پاڪستان جي معياري وقت موجب ڏينهن جو 2 وڳي شروع ٿيندو. ٻئي ٽيمون گروپ اي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سان شامل آهن. نيوزيلينڊ پنهنجي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي 60 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ڪيويز کي مچل سينٽر ليڊ ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ڪين وليمسن ،ڊيرل مچل، گلين فلپس، ٽام ليٿم، مائيڪل بريسويل ۽ ڊيون ڪونوي شامل آهن. بنگلاديش کي پنهنجي پهرين ميچ ۾ ڀارت هٿان 6 وڪيٽن تان شڪست ملي هئي. نجم الحسن شانتو بنگال ٽائيگرز جي اڳواڻي ڪندو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ مشفيق الرحيم، مستفيض الرحمان، تسڪين احمد، مهدي حسن ميراز، توحيد هردوئي شامل آهن. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ مقابلي جي اميد آهي.