اسلام آباد- 23 فيبرروي(اي پي پي) اسلام آباد ٽريفڪ پوليس راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ چيمپئنز ٽرافي ميچن دوران مختلف وقتن ۾ ٽريفڪ لاءِ روٽ پلان تيار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ٽيم جي اسلام آباد پهچڻ تي ڏينهن جو 12 وڳي کان 2 وڳي، شام جو 4 کان 6 وڳي ۽ رات جو 9 وڳي کان 11 وڳي تائين سرينگر هاءِ وي، ڪلب روڊ ۽ ايڪسپريس هاءِ وي تي روٽ لڳايو ويندو. روٽ سبب سرينگر هاءِ وي ۽ ايڪسپريس وي تي ٽريفڪ معطل رهندي. اسلام آباد ٽريفڪ پوليس شهرين کي ايپل ڪئي تي شهري اسلام آباد ۾ سفر لاءِ مختلف انڊر پاسز ۽ مرڪزي روڊ وارن سروس روڊن جو استعمال ڪن. شهرين جي رهنمائي لاءِ اسلام آباد ٽريفڪ پوليس مختلف جاين تي موجود رهندي. سفر دوران ڪنهن به پريشاني کان بچڻ ۽ رهنمائي لاءِ ٽريفڪ هيلپ لائن 1915 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. اسلام آباد ٽريفڪ پوليس جو سوشل ميڊيا پليٽ فارم شهرين کي وقت تي روٽس جي حوالي سان معلومات فراهم ڪندو.