رياض – 23 فيبروري (اي پي پي) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان فيفا جي صدر جياني انفنسٽينو، پرتگالي اسٽار ۽ سعودي ڪلب النصر جي رانديگر ڪرسٽينانو رونالڊو ملاقات ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب رياض ۾ گذريل ڏينهن ڪنگ عبدالعزيز ريس گرائونڊ ۾ عالمي گهوڙي ڊوڙ جي ڇهين ايڊيشن جي تقريب دوران سعودي ولي عهد سان فيفا جي صدر ۽ ڪرسٽيانو رونالڊو ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڪرسٽيانو رونالڊو کي سعودي قومي لباس پهريل هو. واضح رهي ته انهن مقابلن ۾ 13 ملڪن جا 244 گهوڙي سوار حصو وٺي رهيا هئا.