لنڊن – 23 فيبروري (اي پي پي) لنڊن ۾ روس جي روڪرين تي حملي جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ ۽ واشنگٽن ۽ ڪيف وچ ۾ وڌندڙ تڪرار سبب ڪيترن ئي ماڻهن يوڪرين جي حق ۾ مارچ ڪيو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق (اج) سومر تي روس جي يوڪرين تي حملي جا ٽي سال مڪمل ٿي ويندا ۽ ان کان اڳ لنڊن ۾ ريلي ڪڍي وئي. مظاهرين هٿن ۾ يوڪرين جا جهنڊا ۽ پلي ڪارڊز کڻي اولهه لنڊن ۾ يوڪرين جي سينٽ ولاديمير جي مجسمي کان روسي سفارتخاني ڏانهن مارچ ڪيو. شرڪت ڪندڙن ريلي ۾ هڪ پلي ڪارڊ تي لکيو هو ته يوڪرين سڄي يورپ لاءِ امن جو دفاع ڪري ٿو جڏهن ته ٻئي پلي ڪارڊ تي لکيو هو ته جيڪڏهن يوڪرين هارائجي ويو ته جنگ توهان جي گهر ايندي. ريلي ۾ موجود هڪ برطانوي شهري چيو ته مان يوڪريني ناهيان پر مونکي خبر آهي ته هو ڪهڙي خطري ۾ آهن. اسان کين نٿا ڇڏي سگهون، اهو برطانيا جو فرض آهي ته هو يوڪرين سان گڏ بيٺل هجي. ريلي ۾ ڪجهه يوڪريني شهري به شامل هئا.