اسلام آباد – 18 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪارروائي دوران 30 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پنهنجي بيان ۾ صدر ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪامياب ڪارروائي دوران 30 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر جو ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.