اسلام آباد – 18 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان ۾ 30 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته انسانيت جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز هر ڏينهن دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي هدف جي ويجهو وڃي رهي آهي، قوم جي فرزندن جون عظيم قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز مڪمل طور تي سرگرم عمل آهن.