حيدرآباد-18 فيبروري (اي پي پي) ڪراچي ۾ جاپان جي قونصل جنرل هٽوري مسارو ۽ قونصل خاني جي اڪنامڪ ريسرچر ڊاڪٽر ماتسودا ڪازونوري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو دورو ڪيو ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ سان خيرسگالي واري جذبي تحت ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وائيس چانسيلر ڊاڪٽر کمڀاٽي پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ سالن کان قائم دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻوليءَ جي رڪاوٽ اڃا تائين هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته جاپاني ٻولي نه ڄاڻڻ سبب ڪيترائي پاڪستاني جاپان ۾ روزگار جا موقعا ڳولڻ لاءِ کان لنوائين ٿا. هن تجويز ڏني ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻيهر جاپاني ٻوليءَ جا ڪورس شروع ڪيا وڃن ته جيئن شاگرد ٻوليءَ جا اسڪلز حاصل ڪري روزگار لاءِ ضروري صلاحيتون ماڻي سگهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جا آءِ ٽي ۽ بزنس جا شاگرد ۽ استاد جاپاني ٻولي سکي جاپان ۾ ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامز جي موقعن مان فائدو وٺي سگهن ٿا. وائيس چانسيلر ياد ڏياريو ته ماضيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ايريا اسٽڊي سينٽر ۾ جاچاني قونصل خاني پاران جاپاني ٻوليءَ جو پروگرام شروع ڪيو ويو هو، جيڪو جاپاني ٻوليءَ جي استادن جي کوٽ سبب جاري نه رهي سگهيو، ان کي ٻيهر شروع ڪرائڻ جي ضرورت آهي. هن زور ڀريو ته جديد دور جي گهرج آهي ته شاگرد انگريزيءَ کانسواءِ به اضافي ٻولي ضرور سکن، خاص طور جاپاني، چيني يا ڪا ٻي اهڙي عالمي ٻولي سکڻ سان سندن لاءِ پيشيوراڻا موقعا وڌي سگهن ٿا. ان موقعي تي جاپاني قونصل جنرل هٽوري مسارو يقين ڏياريو ته سنڌ يونيورسٽي جي ايريا اسٽڊي سينٽر لاءِ جاپاني ٻوليءَ جا استاد مهيا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون. هن چيو ته جاپان پاڪستان سان عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پاڪستاني شاگردن لاءِ تعليمي ۽ پيشيوراڻا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان جاپان ۽ پاڪستان جي ماڻهن جي وچ ۾ رابطي کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، جاپان ۾ پاڪستاني شاگردن لاءِ ڪيترائي موقعا موجود آهن ۽ اسان يقيني بڻائينداسين ته اهي انهن مان فائدو وٺي سگهن. ملاقات ۾ ٻنهي عملدارن جاپاني ٻولي سکڻ ۽ اڪيڊمڪ ايڪسچينج پروگرامن جي واڌاري لاءِ سهڪار جي عزم جو اظهار ڪيو.