رياض – 17 فيبروري (اي پي پي) ايران چيو آهي ته هو سعودي عرب سان سيڙپڪاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه ايران جي ناڻي. معاسي معاملن بابت وزير عبدالنصر همتي سعودي عرب جي تاريخي شهر العلا ۾ ايمرجنگ مارڪيٽ اڪانوميز ڪانفرنس جي موقعي تي هڪ انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته ايران سعودي عرب سان سيڙپڪاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ تيار آهي پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار وڌائڻ لاءِ مخصوص معاهدا ضروري آهن. هن جو چوڻ هو ته ايران ٻه طرفا معاشي لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسانکي هڪ ٻئي سان بهتر لاڳاپا رکڻ گهرجن. ايراني ناڻي واري وزير جو چوڻ آهي ته واپار شروع ڪرڻ ۽ وڌائڻ لاءِ اسان کي ڪجهه معاهدن جي ضرورت آهي، بنيادي معاهدا ٻٽن ٽيڪسن کي ختم ڪرڻ، ٻه طرفه سيڙپڪاري ۽ ڪسٽمز رولز جي بابت آهن. هن پاڙيسري ملڪن سميت سعودي عرب، قطر ۽ اومان سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي ايراني عزم کي اجاگر ڪيو. عبدالنصر همتي پرڏيهي دخل اندازي خلاف خطي جي ملڪن وچ ۾ مضبوط معاشي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن جو چوڻ هو ته خطي جي خودمختياري کي قائم رکڻ ۽ استحڪام لاءِ مضبوط معاشي سهڪار تمام ضروري آهي.