نئين دهلي- 10 فيبروري (اي پي پي) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آءِ) جي انتظام هيٺ ويمنز پريميئر ليگ (ڊبليو پي ايل) جو ٽيون ايڊيشن 14 فيبروري کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو. بي سي سي آءِ موجب ويمنز پريميئير ليگ کي ڪامياب منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون شروع آهن، ويمنز پريميئر ليگ ۾ 5 ٽيمون ٽائٽل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ نظر اينديون. رائل چيلنجزر بنگلور جي ويمنز ٽيم ليگ ۾ ٽائٽل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايڪشن ۾ نظر ايندي. رائل چيلنجرز بنگلور جي ويمنز ٽيم ليگ ۾ ٽائٽل جو دفاع ڪندي، ويمنز پريميئر ليگ عورتن جو هڪ پيشاوراڻو ٽي ٽونٽي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ آهي جنهن ۾ 5 ٽيمون ٽائٽل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪنديون. ٽورنامنٽ ۾ فائنل سميت ڪل 22 ميچون کيڏيون وينديون، ٽورنامنٽ جو فائنل ميچ 15 مارچ 2025ع تي کيڏيو ويندو.