روٽرڊيم -07 فيبروري (اي پي پي ) اسپين جي مشهور ٽينس اسٽار گرينڊ سلم ٽائيٽلز جي ڪامياب ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ڪارلوس الڪاراز اي بي اين ايمرو اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو آهي. 21 سالن جي اسپين جي ٽينس اسٽار ڪارلوس الڪاراز مردن جي سنگلز مقابلن جي ٻي رائونڊ ۾ اٽلي جي مخالف رانديگر اينڊريا واوا سوري کي اسٽريٽ سيٽس ۾ هارائي ڪوارٽر فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو آهي . نيڌر لينڊز جي مشهور شهر روٽرڊيم جي روٽرڊيم آهوي ۾ اي بي اين ايمرون اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا نيڌر لينڊ ۾ جاري آهن.