هوبارٽ _ 10 جنوري (اي پي پي ) چين جي ٽينس رانديگر جيانگ زنيو ۽ سندس تائيوان جي ساٿي جوڙيدار ووفينگ سين ڊبليو ٽي اي ٽور جي ايونٽ اي ايس پي ڪلاسڪ ٽينس ٽورنامينٽ ۾ وويمنز ڊبلز مقابلن جي فائنل ۾ پهچي ويون آهن. چين جي ٽينس رنديگر جيانگ زنيو ۽ سندس تائيوان جي جوڙيدار ووفينگ سين تي ٻڌل فورٿ سيڊڊ جوڙيدار عورتاڻي ڊبلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ميچ ۾ سلواڪيه جي حريف رانديگر ٽريزا ميهاليڪووا ۽ سندس انگلينڊ جي جوڙيدار اوليويا اين نڪلوس تي ٻڌل ٽاپ سيڊڊ جوڙي کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. هلندڙ سال جي پهرين گرينڊ سلم کان اڳ ڊبليو ٽي اي ٽينس ٽورنامينٽ آسٽرليا جي شهر هوبارٽ ۾ جاري آهي جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.