آڪلينڊ -10 جنوري (اي پي پي)فرانس جو مشهور ٽينس اسٽار گيل مونفلس اي ٽي پي ٽور جي ايونٽ اي ايس بي ڪلاسڪ ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويو آهي. اي ٽي پي ٽينس ٽورنامينٽ نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ شروع ٿي چڪو آهي. 38 سالن جو فرانس جو ٽينس اسٽار گيل مونفلس نيوزيلينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ اي ايس بي ڪلاسڪ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ آمريڪا جي مخالف رانديگر نشيش بسواريڊي کي شڪست ڏني.آمريڪي مخالف رانديگر نشيش بسواريڊي کي ٽائي بريڪ تي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-7 ( 5-7 ) ۽ 4-6 تان هارايو ۽ ٽورنامينٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.