ويلنگٽن -07 جنوري (اي پي پي)نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽر نيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 8 جنوري تي سڊني پارڪ هيملٽن ۾ کيڏي ويندي، ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي سريلنڪن ٽيم تي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. ڪيوي ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ آئيلينڊرز کي 09 وڪيٽن تان هارايو هيو، ان کان اڳ ميزبان نيوزيلينڊ ٽيم مهمان سريلنڪن ٽيم کي ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 1-2 تان هارايو هيو. سريلنڪن ڪرڪيت ٽيم اڄڪلهه نيوزيلينڊ جي دوري تي آهي جتي ميزبان ٽيم خلاف ٽن ٽي – ٽوئنٽي ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي. نيوزيلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي مچل سينٽنر ڪري رهيو آهي جڏهن ته سريلنڪن ٽيم کي ون ڊي سيريز ۾ چارٿ اسلانڪا ليڊ ڪري پيو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ 08 جنوري تي هيملٽن ۽ آخري ون ڊي ميچ 11 جنوري تي ايڊن پارڪ آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي.