واشنگٽن – 23 ڊسمبر(اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجو عهدو سنڀالڻ جي فوري بعد کدڙن فقيرن کي آمريڪا جي هٿياربند فوج ۽ اسڪولن مان ڪڍي ڇڏيندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي رياست ايريزونا جي شهر فينڪس ۾ تقريب کي خطاب دوران ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آئون آمريڪي صدر طور پنهنجي آفيس ۾ پهرين ڏينهن ٻارن جي جنسي استحصال کي ختم ڪرڻ، کدڙن فقيرن کي آمريڪي فوج مان ۽ آمريڪا جي ايليمينٽري، مڊل ۽ هاءِ اسڪولن مان ٻاهر ڪڍڻ جي انتظامي حڪمن تي صحيحيون ڪندس. ان موقعي تي نئين چونڊيل صدر آمريڪا ۾ رهندڙ قانوني ۽ غير قانوني پرڏيهين طرفان ڏوهن خلاف فوري قدم کڻڻ جو واعدو ڪيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر پاناما ڪينال تي آمريڪي ڪنٽرول کي بحال ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن مردن کي عورتن جي راندين کان پري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اها آمريڪي حڪومت جي سرڪاري پاليسي هوندي ته اسان وٽ رڳو ٻه صنفون هونديون، مرد ۽ عورت. واضح رهي ته کدڙن فقيرن جي حقن جي معاملي تي آمريڪا جي ٻنهي وڏين پارٽين ريپبلڪن ۽ ديموڪريٽڪ پارٽي ۾ شديد اختلاف راءِ آهي. ڊونلڊ ٽرمپ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ڪارٽلز کي دهشتگرد گروپ قرار ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. ان موقعي تي ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته يوڪرين ۾ جنگ ختم ڪندس، مان وچ اوڀر ۾ افراتفري کي روڪيندس ۽ مان واعدو ڪريان ٿو ته ٽئين عالمي جنگ کي روڪيندس.