سنچورين-11 ڊسمبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽونٽي انٽر نيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻين ميچ 13 ڊسمبر تي اسپورٽس پارڪ، سنچورين ۾ کيڏي ويندي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي پاڪستان خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسري حاصل آهي. پروٽيز پهرين ٽي ٽونٽي ميچ ۾ گرين شرٽس کي 11 رنسن تان هارايو هو. پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريقا جي دوري آهي جتي هو ميزبان ٽيم خلاف ٽن ٽي ٽونٽي، ٽي ون ڊي ميچن جي سيريزکانسواءِ ٻه ٽيسٽ ميچز به کيڏندي. ٽن ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز جي هڪ ميچ کيڏي وئي آهي جنهن ۾ ميزبان ٽيم پاڪستان کي 11 رنسن تان هارايو هو. پاڪستان ٽيم جي اڳواڻي بهترين وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ڪري رهيو آهي.