ويلنگٽن -05 ڊسمبر (اي پي پي ) نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 6 ڊسمبر کان 10 ڊسمبر تائين ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي ٽيم کي ميزبان نيوزيلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. انگلينڊ جي ٽيم ڪيوي ٽيم کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان هارايو هيو. ان کان اڳ نيوزيلينڊ اليون ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٻن ڏينهن جي وارم اپ ميچ ڊرا ٿي وئي هئي . انگلينڊ جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي نيوزيلينڊ جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٽن عالمي ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ آهي. نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 6 کان 10 ڊسمبر تائين ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي جنهن ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي بهترين بيٽسمين ٽام ليٿم ڪندو جڏهن ته مهمان انگلينڊ جي ٽيم جي سربراهي بهترين آل رائونڊر بين اسٽوڪس ڪندو.