ايڊيليڊ-04 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 6 کان 10 ڊسمبر تائين ايڊيليڊ اوول ۾ کيڏي ويندي. مهمان ڀارتي ٽيم کي آسٽريليا خلاف 5 ٽيسٽ ميچن جي بارڊر گواسڪر ٽرافي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. ڀارت جي ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا جي ٽيم کي 295 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪئي هئي.