بلائيو -02 ڊسمبر (اي پي پي ) زمبابوي ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي انٽر نيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 3 ڊسمبر اڱاري ڏينهن ڪوئنز اسپورٽس ڪلب بلائيو ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان جي ٽيم کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ زمبابوي خلاف 0-1 جي برتري حاصل آهي، گرين شرٽس پهرين ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ 57 رنسن تان هارايو هيو. ان اڳ پاڪستاني ٽيم ميزبان زمبابوي جي ٽيم کي ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 1-2 تان هارايو هيو. ٽن ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ٽي – ٽوئنٽي 03 ڊسمبر ۽ ٽئين 7 آخري ميچ 5 ڊسمبر تي کيڏي ويندي ، ٽئي ميچون هڪ ئي هنڌ ڪوئنز اسپورٽس ڪلب بلائيو ۾ کيڏيون وينديون.