گڏيل قومون- 05 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو آهي ته اسرائيل فلسطين جي معاملي ۾ عالمي قانون جون ڀڃڪڙيون جاري رکيون ته ان کي گڏيل قومن مان نيڪالي ڏني ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ مسودو پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ تيار ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ فلسطين جي معاملي تي عالمي قانون جون ڀڃڪڙيون جاري رکڻ جي صورت ۾ اسرائيل کي گڏيل قومن مان نيڪالي ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي. ملائيشيا جي پارليامينٽ ۾ ڄاڻايل مسودي جا تفصيل پيش ڪندي وزيراعظم انور ابراهيم چيو ته ملائشيا ان مرڪزي گروپ ۾ شامل ٿي ويو آهي جيڪو انصاف جي عالمي عدالت کان گڏيل قومن جي تنطيمن جي سرگرمين ۽ وجود بابت اسرائيل جي حق منظوري بابت مشورا طلب ڪرڻ واري قرارداد تيار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جنرل اسيمبلي مان منظور ٿيڻ جي صورت ۾ گڏيل قومن جو فلسطيني پناهگيرن بابت ادارو ” انروا “ غزه، اردن درياهه جي اولهندي ڪناري، اردن، لبنان ۽ شام ۾ فلسطينين جي مدد جاري رکي سگهندو . سندس چوڻ هو ته قرارداد جي مسودي تي ڳالهيون جاري آهن ۽ جلد ئي ان کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.