ڪراچي-01 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ننڍي عمر ۾ گاڏي هلائڻ وارن جا 10 مهينن، پهرين جنوري کان 30 آڪٽوبر تائين 304 چالان ڪيا ويا، جن مان 9 لک 12 هزار روپيا حڪومت کي چالان جي مد ۾ حاصل ٿيا، ڊرائيونگ لائنسنس بنان گاڏي هلائڻ تي 1860 ماڻهن تي چالان ڪيو ويو، 37 لک 20 هزار چالان جي مد ۾ وصول ڪيا ويا، جڏهن ته ٽريفڪ قانونن جي ڀڇڪڙي تي 60 چنگچي رڪشائن جو چالان ڪيو، جن مان هڪ لک 20 هزار روپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. شرجيل ميمڻ چيو ته ٽريفڪ پوليس وارا اڪثر گرمي ۽ سردي ۾ ڪلاڪن تائين بيهي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا آهن جيڪي وڏي تڪليف ۾ هجڻ باوجود پنهنجي ڊيوتي سرانجام ڏين ٿا، سٺا ۽ خراب ماڻهون هر هنڌ هوندا آهن پر کاتي تي الزام نه ڏيڻ گھرجي، ڪراچي ۾ ماضي ۾ ٽريفڪ پوليس جي اهلڪارن کي به نشانو بڻايو ويندو هو ٽريفڪ پوليس اهلڪار پنهنجي جان هٿن تي رکي ڊيوٽي ڪندا آهن ڪنهن به معاملي ۾ پوري کاتي تي الزام لڳائڻ سان پورو کاتو ڊي مورلائز ٿي ويندو آهي. سنڌ اسيبملي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته ننڍي عمر ۾ گاڏي هلائڻ وارن تي پهرين جنوري کان 30 آڪٽوبر تائين 304 چالان ٿيا آهن جن مان 9 لک 12 هزار روپيا حڪومت کي چالان جي مد ۾ حاصل ٿيا، ڊرائيونگ لائنسنس بنان گاڏي هلائڻ تي 1860 ماڻهن تي چالان ڪيو ويو، 37 لک 20 هزار چالان جي مد ۾ وصول ڪيا ويا، جڏهن ته ٽريفڪ قانونن جي ڀڇڪڙي تي 60 چنگچي رڪشائن جو چالان ڪيو، جن مان هڪ لک 20 هزار روپيا ڏنڊ وصول ڪيو ويو. هن چيو ته ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ ڊپارٽمينٽ پاران اسنيپ چيڪنگ ڪئي ويندي آهي، واڌو ڪرايو وٺڻ تي پڻ ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن، حڪومت پاران چنگچي رڪشائن تي پابندي آهي عدالت پاران حڪم نامي جي ڪري هو شهر ۾ هلي رهيا آهن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسيمبلي ميمبرن کي ڪورٽ ۾ ڌريون بڻجي ۽ پڇاڻو ڪيو وڃي ته جڏهن حڪومت پاران پابندي لڳائي وئي آهي ته پوءِ هي ميٽروپوليٽن شهر ۾ چنگچي رڪشا ڇو هلي رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت ته ٻار گاڏيون هلائي رهيا آهن، ان ڏس ۾ سڀ کان وڌيڪ ذميواري والدين جي آهي، اسان ڇو اکيون بند ڪري ويٺا آهيون، جيڪڏهن ڪنهن ٻار کان ڪو حادثو ٿيندو ته اهو قتل ۾ شمار ٿيندو، ننڍن ٻارن کي گاڏي ڏيڻ سان حادثو قتل جي زمري ۾ اچي ٿو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان کي احساس ڪرڻ گھرجي ته اسان ڪيتري قدر ٽريفڪ قانون جي پاسداري ڪندا آهيون، ڪراچي شهر ۾ ڪار شورومز وارن جون گاڏيون روڊن تي بيٺل آهن، سنگل روٽ هلندا آهن، ٽريفڪ پوليس وارا ان کي چئي چئي ٿڪي پيا آهن، حڪومت جڏهن سختي ڪندي آهي ته پوءِ سموريون ايسوسيئيشنز جاڳي پونديون آهن ته اسان هڙتال ڪنداسين، سمورا اسميبلي ميمبر پنهنجي پنهنجي تڪ ۾ پيغام پکيڙين ته ائين نه ڪن، اسان سڀني کي گڏجي ان کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، ذميواري حڪومت جي آهي پر فرض اسان سڀني جو آهي.