ڪراچي-31 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان گڏ مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه هزارين حقدارن ۾ راشن جا ٿيلها ورهايا. گورنر هائوس مان جاري پڌرائيءَ موجب ان موقعي تي مملڪتي وزير چيو ته گورنر انيشيئٽو تحت حقدارن ۾ راشن بيگز جي ورهاست تعريف جوڳي آهي، انهن قدمن سان ضرورتمند پنهنجن ٻارن جي ڪفالت ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اڄ حقدارن ۾ راشن بيگز ورهائي دلي سڪون مليو آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته گذريل ٻن سالن کان روزانو هزارين حقدارن ۾ راشن ورهايو پيو وڃي. هن چيو ته هاڻ تائين 8.5 لک کان وڌيڪ حقدارن ۾ راشن بيگز ورهايا ويا آهن ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. گورنر چيو ته گورنر هائوس مان حقدارن لاءِ ڀرپور قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ عيدالاضحيٰ ۾ قرباني جو گوشت به ورهايو ويندو آهي جڏهن ته اسٽريٽ ڪرائمز ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي ٻارن کي پڻ قربانيءَ لاءِ ٻڪرا ڏنا ويا آهن. هن چيو ته مهانگائي، غربت کان پريشان ماڻهن جي ڪفالت ڪرڻ صدقه جاريه آهي، ان لاءِ الله تعاليٰ جي خوشنودي به يقيني آهي، اهي سڀ فلاحي ڪم الله تعاليٰ جي رضا لاءِ ڪري رهيو آهيان.