حيدرآباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو تعليمي سال 2025ع تحت بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ ورتل انٽري ٽيسٽ ۾ 30 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي داخلائن لاءِ اهل قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. اهڙو فيصلو گذريل ڏينهن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جي صدارت هيٺ وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ ٿيل ايڊميشن ڪاميٽيءَ جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس دؤران ڪيو ويو. اجلاس ۾ مين ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، لاڙ ڪئمپس بدين جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو ۽ ٻين ڪاميٽيءَ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ايڊميشن ڪاميٽيءَ تعليمي سال 2025ع لاءِ داخلائن جي عمل کي منظم ۽ منصفاڻو بڻائڻ لاءِ يڪراءِ 30 سيڪڙو ڪٽ آف اسڪور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.