سکر – 28 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪستان نيوي سيلر A-2025 جي ڀرتين جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڀرتين جي رجسٽريشن جي عمل لاءِ آخري تاريخ 3 نومبر مقرر ڪئي وئي آهي. پاڪستان نيوي ريڪروٽمينٽ اينڊ سليڪشن سينٽر سکر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ميٽرڪ پاس مرد اميدوار ٽيڪنيڪل، نيول پوليس، سپاهي جنرل ڊيوٽي، مئرين، نائب خطيب، اسٽيورڊ، ميوزيشن، ڊرائيور، سينٽري ورڪر ۽ پي ٽي برانچ ۾ ڊائريڪٽ انٽري سيلر ۾ آن لائين اپلاءِ ڪري سگھندا. پاڪستاني شهريت رکندڙ اميدوارن کي مشورو ڏنو ويو آهي تہ اهي پاڪستان نيوي جي ويب سائيٽ www.joinpaknavy.gov.pk ذريعي آخري تاريخ 3 نومبر 2024ع تائين آن لائن درخواستون ڏين، جڏهن تہ وڌيڪ معلومات لاءِ پاڪستان نيوي ريڪروٽمينٽ اينڊ سليڪشن سينٽر سکر جي ٽيليفون نمبر 071-5620042 تي پڻ رابطو ڪري سگهجي ٿو.