اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي مشهور اسڪوائش رانديگر، گروپ ڪيپٽن (ر) عرفان اصغر چين جي شهر مڪا ۾ ڇهين ايشين ماسٽر اسڪوائش چيمپئين شپ 2024ع کٽي ورتي آهي. پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن ( پي ايس ايف ) پاران مليل معلومات موجب ايشين ماسٽر اسڪوائش چيمپئين شپ جي فائنل ميچ ۾ پاڪستان جي عرفان اصغر بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مخالف رانديگر کي شڪست ڏئي چيمپئين شپ کٽي ورتو آهي. پاڪستان جي ڪامياب رانديگر عرفان اصغر جي ڪاميابي جو اسڪور 11-6، 11-4 ۽ 14-12 رهيو. اها ايشين اسڪوائش چيمپئين شپ ۾ عرفان اصغر جي ٻي ڪاميابي آهي. ان کان اڳ 2010 ع ۾ به هو ٽائٽل کٽي چڪو هو . عرفان اصغر پاڪستان اسڪوائش فيڊريشن جي ڊائريڪٽر اڪيڊميز طور به خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي.