حيدرآباد- 29 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو مسلسل جاري آهي، حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري برسات سبب حيدرآباد شهر، قاسم آباد ۽ لطيف آباد سميت ڪيترائي علائقا برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، جڏهن ته هيٺاهين وارن علائقن وارن گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي چڪو آهي. انتظاميه پاران برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪوششون جاري آهن جڏهن ته اڪثر علائقن ۾ بجلي بند هجڻ جي ڪري پاڻي جي نيڪال ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. لڳاتار برسات پوڻ جي ڪري موسم انتهائي خوشگوار ٿي وئي آهي، ماڻهن جي وڏي انگ تفريح لاءِ سنڌو درياءَ سميت ٻين تفريح ماڳن جو رخ ڪيو آهي ۽ پنهنجي گهر ڀاتين ۽ دوستن سان گڏ موسم مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن.