ڪراچي-27 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسپيشل اڪنامڪ زون اٿارٽي کي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن سيڙپڪاري سميت سيڙپڪارن کي سهولتون ڏنيون وڃن ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ مناسب ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اسان وٽ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ۽ خانگي شعبي جي ماتحت 9 اعلانيل اسپيشل اڪنامڪ زونز آهن پر انهن سڀني کي ضروري سهولتن سان گڏ وڌيڪ پيداوار جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ سيزا بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ان موقعي تي سيڪريٽري توانائي مصدق خان، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري زراعت رفيق ٻرڙو، آصف جمعه، سي اي او اسپيشل اڪنامڪ زون فيصل مجيب، ريحان مجتبيٰ، فيضان غوري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته هڪ ترقياتي منصوبي طور چاهيون ٿا ته زون جي ادارن لاءِ عوامي سهولتن جي دستيابي کي آسان بڻائي سگهجي پر اهو سڀ تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن اهي پنهنجو ڪاروبار هلائڻ لاءِ پروفيشنل ماڻهن کي مقرر ڪندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 9 نوٽيفائيڊ اسپيشل اڪنامڪ زونز آهن، سائيٽ لاڙڪاڻو جن ۾ خيرپور، ڌاٻيجي، بن قاسم انڊسٽريل پارڪ، ڪورنگي ڪريڪ انڊسٽريل پارڪ ۽ نوشهروفيروز انڊسٽريل پارڪ وفاقي حڪومت ۽ سروس لانگ مارچ، پي ايف بي، خانگي شعبي جو آرم اسٽرانگ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته سيزا کي انهن سمورن اڪنامڪ زونز ۾ سيڙپڪاري لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي ۽ خيرپور اسپيشل اڪنامڪ وٽ مڪمل انفراسٽرڪچر موجود آهي جنهن کي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ اسپيشل اڪنامڪ زون جي اختيارين کي هدايت ڪئي ته ملڪ جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سمورن اقتصادي زونز جي ضرورتن ۽ مسئلن جو جائزو وٺي انهن کي حل ڪيو وڃي. وڏي وزير پروفيشنلز کي مقرر ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏني جهڙوڪ مئنيجر اڪائونٽس اينڊ فنانس، مئنيجر ايڊمن اينڊ ايڇ آر، مئنيجر آئي ٽي اينڊ آپريشنز ۽ قانوني مئنيجر وغيره. اجلاس ۾ اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته انڊسٽريز اينڊ انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽس سان گڏوگڏ سائيٽ ۽ سيزا هڪ جامع پلان تيار ڪن ته جيئن هر ضلعي ۾ تعلقه هيڊ ڪوارٽرز ۾ اسمال اڪنامڪ زونز ۽ اسمال انڊسٽريز قائم ڪيون وڃن ته جيئن معاشي سرگرمين ۽ روزگار کي هٿي وٺرائي سگهجي. وڏي وزير چيو ته انهن تجويزن تي مرحليوار عمل ڪيو ويندو پر اسان کي جامع پلان ٺاهڻ جي ضرورت آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته خانگي شعبي پاران پرائيويٽ اڪنامڪ زونز جي قيام لاءِ ڪجهه درخواستون مليون آهن. وڏي وزير سيزا جي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته درخواستن جي ڇنڊڇاڻ ڪري کين سفارشون پيش ڪيون وڃن. هن چيو ته اسان صنعتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ چاهيون ٿا ۽ اهو تمام سٺو قدم آهي جيڪو خانگي شعبي اڳيان اچي رهيو آهي ۽ انهن کي همٿائڻ ۽ سهولت ڏيڻ جو ارادو ڪيو آهي.