لاڙڪاڻو- 22 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي شهر يزد ۾ پاڪستاني زائرين سان پيش آيل حادثي بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شرجيل نور چنا جي نگراني ۾ انفارميشن سيل قائم ڪيو ويو آھي جنھن جو فوڪل پرسن جاويد احمد سومرو کي مقرر ڪيو ويو آهي جنهن سان 7556532-0333 نمبر تي رابطو ڪري معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.