لنڊن-05 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي – 20 عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ڪرڪيٽ ميچ (اڄ ) ڇنڇر ڏينهن دي روز بائول سائوٿ ٿمپٽن ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ٻنهن ملڪن جي عورتاڻين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽن ميچن جي ون ڊي سيريز ۾ ميزبان انگلينڊ جي عورتاڻي ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي عورتاڻي ٽيم کي 9 وڪيٽن، ٻي ون ڊي ميچ ۾ 8 وڪيٽن جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. مهمان نيوزيلينڊ جي عورتاڻي ٽيم پنهنجي دوري دوران انگلينڊ وومينز ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کان علاوه 5 ٽي – 20 ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ (اڄ ) ڇنڇر ڏينهن تي سائوٿ ٿمپٽن ۾ کيڏي ويندي ، ٻي ٽي – 20 ميچ 9 جولاءِ تي هوو ۾ کيڏي ويندي، ٽئين ٽي – 20 ميچ 11 جولاءِ تي ڪينٽر بري ۾ کيڏي ويندي . چوٿين ٽي – 20 ميچ 13 جولاءِ تي ڪيننگٽن اوول، لنڊن ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي – 20 ميچ 17 جولاءِ تي لارڊز لندن ۾ کيڏي ويندي.