نواب شاهه -04 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي صحت ۽ آبادي جي ڀلائي واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو سنڌ حڪومت پاران ضلعي شھيد بينظيرآباد لاءِ فراھم ڪيل پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته ميمبر قومي اسيمبلي آصفه ڀٽو زرداريءَ جي ڪوششن سان سنڌ حڪومت ضلعي شھيد بينظيرآباد جي شھرين لاءِ تحفو ڏياريو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت شھرين کي سفري سھولتون فراھم ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن قدم کڻي رھي آھي. ھي پيپلز بس سروس ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي. ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پارٽي جو ويزن عوام جي خدمت ڪرڻ آھي. ڪوشش ھوندي ته جلد کان جلد ضلعي جي ٻين شھرن ۾ به بس سروس شروع ڪئي وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته ھن بس سروس ۾ خصوصي ماڻھوءَ مفت ۾ سفر ڪري سگھندا. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته نواب شاهه ۾ جلد اين آءِ سي وي ڊي جو منصوبو شروع ڪيو ويندو جنھن لاءِ شھر جي سرنديءَ واري شخصيت ظفر آرائين زمين ڏني آھي جڏھن ته بي آءِ يو ٽي جي سروس پڻ جلد شروع ڪئي ويندي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پارٽي ضلع جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪندي. عوامي حڪومت صوبي جي عوام کي ھر ممڪن سھولتون فراھم ڪرڻ لاءَ ڪوششون ڪري رھي آھي.
تقريب کي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر غلام قادر چانڊيو، جاويد اقبال آرائين، ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محمد سجاد حيدر، چيئرمين ضلع ڪائونسل علي اڪبر جمالي، ميئر قاضي محمد رشيد ڀٽي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر گلشن ميمڻ ۽ پارٽي جا مقامي اڳواڻ پڻ موجود ھئا.