لاهور-12 جون (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي قذافي اسٽيڊيم ۾ اپ گريڊيشن جو ڪم رات جي وقت ۾ بند ٿيڻ تي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايتون ڏنيون ته 24 ڪلاڪ ڪم جاري رکيو وڃي،ميڊيا رپورٽن موجب چيئرمين پي سي بي رات جو دير سان قذافي اسٽيڊيم جو دورو ڪيو جٿي هن اسٽيڊيم جي اپ گريڊيشن لاءِ جاري ڪمن جو جائزو ورتو.هن رات جي وقت ۾ اسٽيڊيم جي اپ گريڊيشن جو ڪم بند هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو،هن چيو ته هفتي جا ست ئي ڏينهن 24 ڪلاڪ ڪم ڪري ان منصوبي کي وقت تي مڪمل ڪيو وڃي.اسٽيڊيم جي مرڪزي عمارت جي هيٺيان پائپ ڦاٽڻ سبب جمع ٿيل پاڻي جي جلد نيڪاسي يقيني بڻائي وڃي ۽ ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته چيمپئنز ٽرافي ٽورنامنٽ کان اڳ اسٽيڊيم جي اپ گريڊيشن جو ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وسيلن جي استعمال جي ضرورت آهي،هن جاري ڪمن جو معائنو ڪيو ۽ ضروري هدايتون ڏنيون،ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير سان گڏ ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪٽ ۽ جنرل مينيجر انفراسٽرڪچر پڻ موجود هئا.