واشنگٽن- 08 جون (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن اسرائيل- فلسطين وچ ۾ جنگ بندي لاءِ ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جي سلسلي ۾ ايندڙ هفتي وچ اوڀر جو دورو ڪندو. اردو نيوز آمريڪي پرڏيهي کاتي جي حوالي سان ٻڌايو ته انٽوني بلنڪن سومر کان اربع دوران اسرائيل ۽ اهم عرب شراڪتدار عرب ملڪن مصر، شام، اردن ۽ قطر جو دورو ڪندو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيوملر بيان ۾ چيو ته دوري دوران آمريڪي پرڏيهي وزير جنگ بندي جي تجويز سان اسرائيل ۽ فلسطين کي ڪهڙو فائدو ملندو تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. انٽوني بلنڪن ان ڳالهه تي زور ڏيندو ته ان جنگ بندي سان غزه ۾ مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي، انساني امداد ۾ وڏي پيماني تي اضافو ٿيندو ۽ فلسطين کي پنهنجي پاڙيسري ۾ واپس وڃڻ جي اجازت ملندي. ياد رهي ته ست آڪٽوبر تي شروع ٿيل ان جنگ بندي بعد انٽوني بلنڪن جو ان خطي جو اهو ستون دورو آهي.