لندن _ 23 مئي (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چار ٽي 20 انٽر نيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻين ميچ 25 مئي تي ايجيسٽن ، برمنگم ۾ کيڏي ويندي . ٻنهن ٽيمن وچ ۾ 22 مئي تي هيڊنگلي . ليڊز ۾ شيڊول سيريز جي پهرين ميچ برسات جي نذر ٿي وئي هئي . شديد برسات سبب ٽاس به ممڪن نٿو ٿي سگهي . پاڪستان جي ٽيم اڄڪلهه انگلنڊ ۾ موجود آهي جتي هو ميزبان برطانوي ٽيم خلاف چار ٽي 20 ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏندي .