ڊربي-22 مئي (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ پاڪستان جي وومين ٽيمن وچ ۾ ٽي ون ڊي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ڪرڪٽ ميچ ( سڀاڻي ) خميس واري ڏينهن ڪائونٽي گرائونڊ ڊربي ۾ کيڏي ويندي ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ کيڏيل ٽن ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز ۾ ميزبان برطانوي وومين ٽيم پاڪستان جي وومين ٽيم کي 0-3 تان ڪلين سويپ ڪيو هيو . انگلينڊ جي وومين ٽيم پهرين ٽي ٽونٽي ميچ ۾ پاڪستان وومين کي 53 رنسن ، ٻي ٽي ٽونٽي ميچ ۾ 65 رنسن تان جڏهن ته ٽي ۽ آخري ٽي ٽونٽي ميچ ۾ 34 رنسن تان هارايو هيو ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ميزبان انگلينڊ جي وومين ٽيم کي هيٿر نائٽ ليڊ ڪندي . پاڪستان وومينز ٽيم کي ندا ڊار ليڊ ڪندي ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جو ٻي ميچ 26 مئي تي ٽائونٽن جڏهن ته ٽي ۽ آخري ون ڊي ميچ 29 مئي تي چيلمس فورڊ ۾ کيڏي ويندي .