جوهانسبرگ -16 اپريل (اي پي پي ) ڌکڻ آفريقا ۽ سريلنڪا جي وومين ڪرڪٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ون ڊي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جوي ٽي ۽ آخري ميچ اڄ سينويس پارڪ پوچيفسٽروم ۾ کيڏي ويندي ميزبان ڏکڻ آفريقا جي وومين ٽيم کي سريلنڪن وومين خلاف 0-1 جي ڪاميابي حاصل آهي ڏکڻ آفريقا وومين ٻي ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا وومين ٽيم کي 7 وڪيٽن تان هارايو هيو ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ برسات سبب بند ٿي وئي ان کان اڳ مهمان سري لنڪن وومين ٽيم ۽ ميزبان ڏکڻ آفريقا جي وومين ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز کيڏي وئي آهي جنهن ۾ سريلنڪن وومين ٽيم ميزبان ڏکڻ آفريقا جي وومين ٽيم کي 1-2 تان هارايو هيو .