بيجنگ – 15 مارچ (اي پي پي) چين جي تيانجن ميونسپلٽي ۾ ڪوچ روڊ جي ڪناري ۾ بيٺل بس سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص اجل جو شڪار ۽ 37 ڄڻا ازمي ٿي پيا. شنهوا ضلع ڊنگلي جي پبلڪ سيڪيورٽي بيورو جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو حادثو جمعي جي صبح ضلع ڊونگلي ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن ڪوچ روڊ جي ڪناري بيٺل خراب بس سان …
چين ۾ ڪوچ بس سان ٽڪرائجي وئي، هڪ شخص اجل جو شڪار، 37 ڄڻا زخمي

مزید خبریں
بيجنگ – 15 مارچ (اي پي پي) چين جي تيانجن ميونسپلٽي ۾ ڪوچ روڊ جي ڪناري ۾ بيٺل بس سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص اجل جو شڪار ۽ 37 ڄڻا ازمي ٿي پيا. شنهوا ضلع ڊنگلي جي پبلڪ سيڪيورٽي بيورو جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو حادثو جمعي جي صبح ضلع ڊونگلي ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن ڪوچ روڊ جي ڪناري بيٺل خراب بس سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب ٻنهي گاڏين ۾ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص اجل جو شڪار ۽ 37 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.











