اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان سپرليگ(پي ايس ايل)جي 9 انڊيشن ۾ (اڄ) اڱاري ڏينهن هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو جنهن ۾ ملتان سلطانز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيمون ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ملتان ۾ آمهون سامهون هونديون، ميچ شام 7 وڳي شروع ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي انتظام هيٺ پي ايس ايل جي 9 ايڊيشن جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي. ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ (اڄ) اڱاري ڏينهن ليگ جي پنجي ميچ ملتان سلطانز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.