ممبئي -06 نومبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ آءِ سي سي مينز ورلڊڪپ ٽورنامينٽ ۾ (اڄ) اڱاري تي هڪ ميچ کيڏي ويندي، جنهن ۾ آسٽريليا ۽ افغانستان جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. اها ميچ ميگا ايونٽ جي 39 هين ميچ هوندي جيڪا منجهند هڪ لڳي 30 منٽن تي شروع ٿي ويندي. ميگا ايونٽ ۾ آسٽريليا ۽ افغانستان جي جون ٽيمون 7-7 ميچون کيڏي چڪيون آهن. آسٽريليا جي ٽيم 5 ميچون کٽيون آهن. جڏهن ته 2 ميچن ۾ شڪست کائي چڪي آهي. آسٽريليا جي ٽيم 10 پوائنٽن سان پوائنٽس ٽيبل تي ٽئين نمبر تي آهي. اهڙي طرح افغانستان جي ٽيم 4 ميچون کٽي چڪي آهي، جڏهن ته ان کي 3 ميچن ۾ شڪست ملي آهي. افغانستان جي ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي 8 پوائنٽن سان ڇهين نمبر تي آهي.