اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ملڪ جي مستقبل جي لاءِ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ قابل اعتماد چونڊون ضروري آهن جن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ملڻ گهرجن. پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ جيلن جو ماحول تبديل ڪيو ويو هو، پيپلزپارٽي جمهوريت ۽ عورتن جي حقن جي علمبردار رهي آهي، اُن کي سياسي پارٽي جي حيثيت سان ڪريڊٽ ڏيڻ گهرجي، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پاڪستان کپي جو نعرو هڻڻ تي ساراهيان ٿو،چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مان تمام گهڻيون اميدون آهن ۽ اميد آهي ته هو انهن تي پورو لهندو، پي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ موجوده چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس مون نه موڪليو هو، ريفرنس وزيراعظم هائوس پاران موڪليو ويو هو. نجي ٽي وي جيو نيوز کي هڪ انٽرويو ۾ صدر چيو ته مختلف ڌُريُون ملڪ ۾ سمورين سياسي پارٽين جي لاءِ برابري جي سطح کي يقيني بڻائڻ بابت ڳالهه ڪري رهيُون آهن. هن چيو ته بنيادي اصول جمهوريت هجڻ گهرجي ۽ سمورن سياسي اڳواڻن کي ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته هن 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪئي آهي ڇو ته هو سدائين کان ڀڃ ڊاهه جي خلاف آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئين چوي ٿو ته نئُون صدر چونڊجڻ تائين موجوده صدر پنهنجون ذميواريون جاري رکندو، پارلياماني نظام ۾ ان ڳالهه جو امڪان رهي ٿو ته حڪومت مدو پورو نه ڪري سگهي. صدر چيو ته مشڪلاتن جي باوجود ملڪ جمهوريت جي راهه تي گامزن آهي ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو موجود آهي. اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي ساراهيندي صدر چيو ته 2001ع ۾ جڏهن کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ته جيل عملدارن کيس ٻڌايو ته آمريت جي دور جي ابتڙ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ جيلن جو ماحول تبديل ڪيو ويو هو. هن چيو ته پيپلزپارٽي کي هڪ سياسي پارٽي جي حيثيت سان ڪريڊٽ ڏيڻ گهرجي جيڪا جمهوريت ۽ عورتن جي حقن جي علمبردار رهي. صدر ”پاڪستان کپي“ جو نعرو هڻندڙ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پڻ ساراهيو. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته عوام کي اعليٰ عدالتن تي اعتماد آهي. هن چيو ته قوم کي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مان تمام گهڻيون اميدون آهن ۽ اميد آهي ته هو انهن تي پورو لهندو. هن چيو ته پي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ موجوده چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف ريفرنس مون نه موڪليو هو، ريفرنس وزيراعظم هائوس پاران موڪليو ويو هو، اڳوڻي وزيراعظم بعد ۾ ٻڌايو ته هُن ريفرنس موڪلڻ نه پئي چاهيو. سندس چوڻ هو ته قاضي فائز عيسيٰ شفاف انداز ۾ بئنچز ٺاهي رهيو آهي، هو قابل احترام شخصيت آهي ۽ ضرور انصاف ڪندو. پنهنجي موقف جي وضاحت ڪندي صدر چيو ته ملڪ ۾ جمهوري نظام جاري آهي پر هڪ اهڙي لابي پاران سدائين خطرو رهي ٿو جيڪا ملڪ ۾ جمهوري نظام کي ناڪام ٿيڻ جو منصوبو ٺاهڻ جي لاءِ ڪم ڪري ٿي. هن چيو ته ملڪ کي متحد ڪرڻ جي ضرورت آهي. معافي ۽ بردباري اهي خصوصيتون آهن جيڪي قومن جي تعمير ڪري سگهن ٿيون. هن چيو ته دين اسلام ۾ مشاورت ۽ عوامي راءِ کي اهميت ڏني وئي آهي ۽ جمهوري نظام جي حوالي سان اسلامي روايتون شاندار آهن. ملڪ ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت صدر چيو ته اهو معاملو عدالتن آڏو آهي جيڪي ان معاملي جو فيصلو ڪنديون. صدر عارف علوي اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي انگ، دماغي صحت، غذائيت جي کوٽ ۽ اسٽنٽنگ جي مسئلن کي سنگين قرار ڏنو جيڪو سياسي تڪرارن جي ڪري حل نٿو ٿي سگهي. صدر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته فلسطين مسئلي جو واحد حل ٻه رياستي حل آهي. هڪ فلسطيني ٻار کي ان جي والدين جا لاش ڳوليندي ڏيکاري ويندڙ وڊيو ڪلپ تي شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي صدر ان کي فلسطيني عوام سان تمام وڏو ظلم قرار ڏنو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪير به اهڙي غيرانساني حرڪتن کي قبول نه ٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته اسلامي تعليم ۾ انساني زندگي جي حرمت جو حڪم آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 13 سيپٽمبر تي هن ملڪ ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي خط موڪليو هو ۽ ان معاملي تي اعليٰ عدليه سان مشورو ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو. هن چيو ته چونڊ قانون کي هڪ ترميم تحت تبديل ڪيو ويو هو ۽ جڏهن هو حج جي لاءِ روانو ٿيو ته وقتي صدر ان تي صحيحون ڪيون هيون. صدر وڌيڪ چيو ته قانون واري نگران وزير ۽ لاڳاپيل نگرن صوبائي وزيرن جو موقف هو ته صدر کي ترميم کانپوءِ ملڪ ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ جي تاريخ ڏيڻ جو ڪو مينڊيٽ نه آهي.