ممبئي -23 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي انتظام هيٺ آءِ سي سي مينز ورلڊڪپ ٽورنامينٽ ۾ اڄ اڱاري تي هڪ ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ ڏکڻ آفريقا ۽ بنگلاديش جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. اها ميچ ميگاايونٽ جي 23هين ميچ هوندي ۽ ڏينهن جو ڏيڍ وڳي شروع ٿيندي. ميگا ايونٽ ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 4 ميچون کيڏي چڪي آهي ۽ 3 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي جڏهن ته هڪ ۾ کين شڪست ملي آهي. ميگا ايونٽ جي پوائنٽس ٽيبل تي ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 6 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي آهي. جڏهن ته بنگلاديش جي ٽيم 4 ميچون کيڏي چڪي آهي ۽ رڳو هڪ ميچ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي، بنگلاديش جي پوائنٽس ٽيبل تي ڇهين نمبر تي آهي.