چنائي-12 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي اهتمام هيٺ آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ اڄ جمعي تي هڪ ميچ کيڏي ويندي، جنهن ۾ نيوزي لينڊ ۽ بنگلاديش جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. هي ميچ ميگا ايونٽ جي 11 هين ميچ هوندي ۽ ڏينهن جو هڪ لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ جو 13 هون ايڊيشن جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقين کي انتهائي دلچسپ ۽ زوردار مقابلو ڏسڻ لاءِ ملي رهيو آهي، ميگا ايونٽ ۾ اڄ جمعي تي هڪ ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ نيوزي لينڊ ۽ بنگلاديش جون ٽيمون ايم اي چدمبرم اسٽيڊيم چنائي واري هنڌ تي زور آزمائي ڪنديون. ميگاايونٽ ۾ نيوزي لينڊ ۽ بنگلاديش ٽيمون ٻه، ٻه ميچون کيڏي چڪيون آهن. نيوزي لينڊ جي ٽيم پنهنجي ٻنهي ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چڪي آهي ۽ اڃان تائين ناقابل شڪست آهي. ڪيويز پهرين ميچ دفاعي چيمپئن انگلينڊ کي جڏهن ته ٻي ميچ ۾ نيدرلينڊ کي شڪست ڏني هئي. اهڙي طرح بنگلاديش جي ٽيم به ٻه ميچ کيڏي چڪي آهي ۽ هُن پهرين ميچ ۾ افغانستان کي شڪست ڏني هئي جڏهن ته ان جي ٻي ميچ ۾ هن دفاعي چيمپئن انگلينڊ جي هٿان شڪست کاڌي، آسٽريلوي ٽيم کي سڀ کان وڌيڪ 5 ڀيرا ٽائٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل آهي، ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون ٻه، ٻه ڀيرا ٽائيٽل کٽي چڪيون آهن جڏهن ته پاڪستان، انگلينڊ ۽ سريلنڪا جون ٽيمون هڪ، هڪ ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري چڪيون آهن.