لکنئو-11 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) جي انتظام هيٺ آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامنٽ ۾ (اڄ) خميس تي هڪ ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، اها ميگا ايونٽ جي ڏهين ميچ آهي ،ميچ 01:30 وڳي شروع ٿيندي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل جي انتظام هيٺ ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامنٽ جو ’13هون ايڊيشن جاري آهي جنهن ۾ مداحن کي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن، ميگا ايونٽ ۾ (اڄ) خميس تي هڪ ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو ، ميچ رتنا شري اٽل بهاري واجپائي ايڪنا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم،لکن ۾ کيڏي ويندي،واضع رهي ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم پهرين ميڇ ۾ سريلنڪا کي 102 رنسن تان شڪست ڏئي چڪي آهي.