نئين دهلي_ 06 آڪٽوبر(ا ي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل جي اهتمام هيٺ آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامنٽ جي 13 هين ايڊيشن ۾ (اڄ) ڇنڇر تي ٻه ميچون کيڏيون وينديون، پهرين ميچ بنگلاديش ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي جيڪا صبح جو 10 وڳي شروع ٿيندي جڏهن ته ٻي ميچ ڏکڻ آفريقا ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ ڏينهن جو 1:30 وڳي شروع ٿيندي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامنٽ جو 13 هون ايڊيشن ڀارت ۾ شروع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ مداحن کي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا، ميگا ايونٽ ۾ اڄ ڇنڇر تي ٻين ميچن جو فيصلو ٿيندو، پهرين ميچ بنگلاديش ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي جيڪا صبح جو 10 وڳي شروع ٿيندي جڏهن ته ٻي ميچ ڏکڻ آفريقا ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ ڏينهن جو 1:30 وڳي شروع ٿيندي، 2023 جي آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ۾ ڪرڪيٽ جي دنيا جون 10 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان مقابلو ڪنديون، ٽورنامنٽ جي فائنل ميچ 19 نومبر تي کيڏي ويندي، ميگا ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ 10 ٽيمن ۾ ميزبان ڀارت، عالمي چيمپئن انگلينڊ، پاڪستان ، افغانستان، آسٽريليا، بنگلاديش، نيدر لينڊ، نيوزيلينڊ ، ڏکڻ آفريقا ۽ سريلنڪا شامل آهن، انگلينڊ جي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ ٽائٽل جو دفاع ڪندي.