هينگزو-04 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي شهر هينگزو ۾ جاري 19 هين ايشين گيمز ۾ ڪرڪيٽ جي مردن جي ايونٽ جا سيمي فائنل سڀاڻي 06 آڪٽوبر تي کيڏيا ويندا جڏهن ته 07 آڪٽوبر تي فائنل کيڏيو ويندو . پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون اڳ ئي سيمي فائينل ۾ پهچي چڪيون آهن. پهرين ڪوارٽر فائينل ۾ ڀارت نيپال کي 23 رنسن تان شڪست ڏني هئي ۽ ٻئي ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ پاڪستان هانگ ڪانگ جي ٽيم کي 68 رنسن تان شڪست ڏئي سيمي فائينل ۾ جاءِ ٺاهي آهي. ايونٽ ۾ 14 ٽيمن حصو ورتو آهي جن ۾ پاڪستان، ڀارت، نيپال، هانگ ڪانگ، افغانستان، سريلنڪا، بنگلاديش، ملائيشيا، ٿائلينڊ، جاپان، مالديپ، سنگاپور، ڪمبوڊيا ۽ منگوليا شامل آهن.