نئين دهلي-28 سيپٽمبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ 13 هين آءِ سي سي مينز ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان اڳ وارم اپ ميچز رائونڊ اڄ جمعي کان شروع ٿيندو. 13 هين آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو آغاز ايندڙ مهيني 5 آڪٽوبر کان ٿيندو جنهن جون سموريون ميچون ڊي اينڊ نائيٽ هونديون. ميگاايونٽ کان اڳ وارم اپ رائونڊ ۾ هر ٽيم ٻه، ٻه وارم اپ ميچ کيڏندي. وارم اپ رائونڊ ۾ اڄ جمعي تي ٽي ميچ کيڏيا ويندا، پهريون وارم اپ ميچ بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ گوهاٽي ۾ کيڏيو ويندو، ٻئي وارم اپ ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا ۽ افغانستان جون ٽيمون ٿيرو وانا ٿاپورام ۾ آمهون سامهون ٿينديون، جڏهن ته ٽيون ميچ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ حيدرآباد ۾ کيڏيو ويندو. ميگاايونٽ جو پهريون سيمي فائنل ميچ 15 نومبر تي جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل ميچ 16 نومبر تي کيڏيو ويندو، ميگاايونٽ جون ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ فيصلائتو مقابلو19 نومبر تي ٿيندو.