نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشمير کي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ امن جي لاءِ اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته ترقي جو دارومدار امن تي آهي، گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ فار انڊيا اينڊ پاڪستان کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي، عالمي طاقتون نئين دهلي کي پاڪستان پاران اسٽريٽجڪ ۽ روايتي هٿيارن تي گڏيل تحمل جي آڇ کي قبول ڪرڻ لاءِ قائل ڪن، ڀارت سميت سمورن پاڙيسرين سان پرامن ۽ تعميري لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، ڀارتي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کان پاسو ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪشمير تي پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائي، افغانستان ۾ امن پاڪستان جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان جي پهرين ترجيح افغانستان مان ۽ اندرون ملڪ سموري دهشتگردي کي روڪڻ ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ آهي، اسان کي بنا فرق جي سمورن دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، اسان کي رياستي دهشتگردي جي مخالفت ڪرڻ جي به ضرورت آهي، اسلامو فوبيا نائين اليون کانپوءِ وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي اهي، گڏيل احترام، مذهبي علامتن، صحيفن ۽ مقدس هستين جي تقدس کي يقيني بڻايو وڃي، سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن ۾ اضافي سان ان جي ساک ۽ قانوني حيثيت ختم ٿي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم ڪشمير مسئلي، موسمياتي تبديلي، اسلامو فوبيا، فلسطين، افغانستان، پاڪستان جي معاشي استحڪام، گڏيل قومون سڌارن سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن جو ٺوس انداز ۾ احاطو ڪيو. نگران وزيراعظم علائقائي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته ترقي جو دارومدار امن تي آهي، پاڪستان معاشي طور تي دنيا جي سڀ کان گهٽ مربوط خطن ۾ واقع آهي، پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته خطا گڏجي ترقي ڪندا آهن، ان لاءِ پاڪستان ڀارت سميت پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان پرامن ۽ تعميري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن ڪشمير تڪرار جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ امن جي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي پراڻن تڪرارن مان هڪ آهي، ڀارت سلامتي ڪائونسل جي انهن قراردادن تي عملدرآمد کان پاسو ڪيو آهي جيڪو ڄمون ۽ ڪشمير جي حتمي حل جو فيصلو ان جي عوام گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري جي ذريعي ڪرڻ جو گهرجائو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي غيرقانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ 9 لک فوجي مقرر ڪيا آهن، ان مقصد جي لاءِ ڀارت توسيع ٿيل لاڪ ڊائون ۽ ڪرفيو هڻي رکيو آهي، ڪشمير جي سمورن حقيقي ليڊرن کي جيلن ۾ وجهي ڇڏيو، پرامن احتجاج کي پرتشدد طريقي سان دٻائن، جعلي ”مقابلن“ ۽ ”نام نهاد گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين“ ۾ معصوم ڪشميرين جي عدالت کان مٿانهون قتل جو سهارو ورتو ويو ۽ اجتماعي سزائون ڏنيون ويون، پوري جي پوري ڳوٺن کي تباهه ڪيو ويو. هن چيو ته والاريل ڪشمير تائين پهچ، جنهن جو مطالبو گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪميشن ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ خصوصي نمائندن ڪيو هو، کي نئين دهلي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن گڏيل قومن تي زور ڏنو ته گڏيل قومن کي سلامتي ڪائونسل جي ڪشمير تي پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي، گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ فار انڊيا اينڊ پاڪستان کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. عالمي طاقتون نئين دهلي کي ان ڳالهه تي قائل ڪن ته هو پاڪستان پاران اسٽريٽجڪ ۽ روايتي هٿيارن تي گڏيل تحمل جي آڇ کي قبول ڪري.